اَنڌي جي ڪسي

اَنڌي جي ڪَسِي: هيءُ ڪجهه وقت اڳي سنڌو درياهه جو مشهور تَڙ يا پَتَڻُ هو. ڪوٽڙي تعلقي جي ٻُڍاپور ۽ انڙپور جي تَرَ جو مال هن تڙ تان ايندو ويندو هو. هيءُ ٻيڙين جي ميلُ ڪري بيهڻ وارو تڙ هو، جو هن هنڌ درياهه جو ڇڇ هو، جتي لهر ماٺي رهندي هئي. پتڻ جي ٻنهي پاسن کان مالدار ماڻهو وڻن جي ڇانوَ ۾ کٽولا وجهيو ويٺا هوندا هئا. علائقي ۾ کير، ڏڌ ۽ مکڻ جام هوندو هو. شام جو کير جا ساڙها ڀرجي ايندا هئا، جن جي عيوض ملاح، چانور، بصر، مرچ ۽ ڪڻڪ، ڀاڳين کي ڏيندا هئا. پيدائش جي لحاظ کان سنڌو درياهه جو هيءُ هڪ وڏو پتڻ ۽ بندر ليکبو هو.
درياهه جي اُڀي کان وڏن بيراجن جي ٻڌجڻ ڪري اڄ جيئن سنڌو درياهه جو، تيئن اُن جي هِن پتڻ جو اوج به باقي نه بچيو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو